اپوزيشن اتحاد جو سموري ملڪ ۾ جلسن جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته هنن سموري ملڪ ۾ جلسن جو پروگرام رٿيو آهي، اپوزيشن اتحاد جو سڀاڻي پشين، چمن ۾ جلسو ٿيندو.
سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون نالي ڪاءِ شئي ڪونهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي، آئين ۽ قانون جي بالادستي هوندي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ايندي ۽ سيڙپڪاري ايندي ته ملڪ ۾ ڪاروبار هلندو.
هن چيو ته سموري ملڪ ۾ جلسن جو پروگرام رٿيو آهي، پنجاب ۾ ٽي جلسا ٿيندا، مخالف چوندا هئا ته پي ٽي آءِ کي اميدوار نه ملندا، اسان کي اميدوار به مليا ۽ ڪاميابي به ملي آهي.
اپوزيشن ليڊر چيو ته بلوچستان جي مٽيءَ سان اسان کي پياري آهي، اسان 750 ارب رپين جو ڏکڻ بلوچستان پئڪيج ڏنو، پي ٽي آءِ جو وفد ڪوئيٽا ۾ جلد ئي سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪندو، هن وقت سمورين سياسي پارٽين کي ملڪ جي آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو، پنهنجو ڪردار ادا ڪري کپي.
عمر ايوب چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري ” پي ڊي ايم ٽو “ جي حڪومت آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ امن هجي، بلوچ نوجوانن کي سنند حق ملڻ گهرجن ۽ قانون سڀني لاءِ برابر آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان به صوبن جي بالادستي چاهي ٿو، ڪپتان کي عوام کان ڌار ڪري جيل ۾ وڌو ويو، جڏهن ته نائب ڪپتان شاهه محمود قريشي کي به سزا ٻڌائي جيل ڀيڙو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.