ممئبي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽي جي مشهور اداڪارا تاپسي پنو پنهنجي شادي جي تقريبن کي لڪائڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تاپسي پنو انٽرويو ۾ ٻڌايو ته شادي جي خبرن کي ڳجهو رکڻ جو مقصد اهو آهي ته هو پنهنجي ذاتي زندگي جي معاملن کي ذاتي رکڻ ٿي چاهي ان لاءِ سماجي رابطن جي ويبسسائيٽس تي هن وقت تائين تصويرون به نه رکيون آهن.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته جڏهن ٻه مشهور شخصيتون شادي ڪنديون آهن ته سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وينديون آهن ۽ واهپيدارن پاران مختلف قسم جا تبصرا ٿيندا آهن، هو نه پئي چاهي ته سندس ذاتي زندگي ۽ ان سان جڙيل ماڻهن تي واهيپدار ڳالهيون ڪن يا تبصرا ڪن.
هن چيو ته بحيثيت اداڪارا هوءَ پبلڪ فگر آهي پر سندس پارٽنر يا شاديءَ ۾ شريڪ ماڻهو ناهن، هوءَ ان لاءِ کين سوشل ميڊيا تي شيئر نٿي ڪرڻ چاهي، هوءَ کين پاڻ وٽ محفوظ رکڻ ٿي چاهي، هوءَ کين شيئر ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي تيار ناهي.
واضح رهي ته بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪارا تاپسي پنو پنهنجي بواءِ فرينڊ ۽ بيڊ منٽن جي مشهور رانديگر ميٿياس بو سان گذريل مارچ 23 تي ڀارتي رياست ادي پر ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي هئي.