ٽڪ ٽاڪ ”انسٽاگرام“ جهڙي ايپ آڻڻ لاءِ تيار

ٽڪ ٽاڪ هڪ فوٽو شيرئنگ ايپ لائونچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪمپني چيو آهي ته هو تصويرن ۽ ڪيپشن لاءِ ايپ تي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه واهپيدارن موجب سندس تصويري پوسٽس کي هڪ نئين ٽڪ ٽاڪ ايپ ”نوٽس“ تي شيئر ڪيو ويندو.

واضح رهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز مقابلو ڪرڻ لاءِ هڪ جهڙيون شيون نقل ڪنديون آهن، مثال انسٽاگرام ٽڪ ٽاڪ جي شهرت ڏسي ”ريلز“ جو فيچر لائونچ ڪيو. اهڙيءَ ريت سنيپ چيٽ جيان ٽڪ ٽاڪ ۽ انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪري سگهجي ٿي.

ٽڪ ٽاڪ موجب انهن نوٽس ايپ جي ڊيزائن کي حتمي شڪل ناهي ڏني نه وري ريليز جي تاريخ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.