پاڪستان سان نئين پروگرام بابت هلندڙ ڳالهين تي آءِ ايم ايف جو اهم بيان

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) چيو آهي ته پاڪستان موجودا پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪري رهيو آهي.
ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ٿنڪ ٽينڪ تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف سربراهه ڪرسٽالينا جيورجيوا چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پنهنجو موجودا پروگرام مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي معيشت ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي ۽ ذخيرن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
چيو آهي ته نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن، پاڪستان گذريل 9 مهينن جي 3 ارب ڊالرز جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي ممڪن فالو اپ پروگرام بابت فنڊ لاءِ ڳالهه ٻول ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرنسي جا ذخيرا هاڻي وڌي رهيا آهن، پاڪستان هڪ ممڪن فالو اپ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۾ اڃا به ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي ڪجهه اهم مسئلا حل ڪرڻا پوندا جهڙوڪ ٽئڪس بيس، امير ماڻهو ڪهڙي طرح ملڪي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن، عوامي خرچ ۽ سڀ کان اهم شفاف ماحول فراهم ڪرڻ.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ گذريل مهيني 3 بلين ڊالرز جي ٻئي ۽ آخري جائزي تي اسٽاف ليول معاهدو ٿيو هو جنهن جو آءِ ايم ايف جو بورڊ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ جائزو وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.