اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر مملڪت پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر جسٽس اشتياق ابراهيم جي پشاور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس مقرري ڪئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سينيئر ترين جج جي عهدي جي مدت وقتي چيف چيف جسٽس طور حلف کڻڻ واري ڏينهن کان شروع ٿيندي.
نوٽيفڪيشن ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته جسٽس اشتياق ابراهيم جڊيشل ڪميشن ۽ پارلياماني ڪميٽي جي منظوري تائين وقتي چيف جسٽس رهندو.
You might also like