فلسطين پاران گڏيل قومن جي مڪمل رڪنيت جي درخواست، اهم خبر اچي وئي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي گڏيل قومن ۾ رڪنيت لاءِ درخواست تي سلامتي ڪونسل ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلسطين گذريل هفتي گڏيل قومن ۾ رڪينت لاءِ درخواست تي غور جو مطالبو ڪيو هو،
جنهن تي گڏيل قومن ۾ فلسطين کي مستقل رڪنيت ڏيڻ لاءِ سلامتي ڪونسل ۾ اتفاق ناهي ٿيو.
ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري سڄي دنيا ۾ نفرتون ڦهلجي رهيون آهن.
اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي انڪري آمريڪا ان جي مخالفت ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.