انسٽاگرام فحش مواد جي روڪٿام لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام آخر ڪار پنهنجي واهپيدارن کي پورن تصويرون ڏسڻ کان بچائڻ جو حل ڪٺي ورتو آهي.

برطانوي خابرو جي رپورٽ موجب سڌي ريت نياپا (ڊي ايمز) ذريعي موصول ٿيندڙ پورن تصويرن کي ڌنڌلو ڪرڻ واري ”Nudity protection“ اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

ڊيٽنگ ايپس ۾ موجود ٽيڪنالوجي مصنوعي ذهانت ”اي آءِ“ جيان ڪم ڪري ٿي، ان سان تصيرن ۾ موجود مرد يا عورت جي جنسي عضون کي ڏسڻ شرط سڃاڻپ ڪري لڪايو ويندو.

جيئن ڪنهن کي ڊي ايم ۾ پورن تصوير ايندي ته اها ڌنڌلي نظر ايندي، موصول ڪندڙ کي اختيار هوندو ته جيئن هو تصوير تي ”ٽيپ“ ڪندو ته تصوير صاف نظر ايندي چاهي واهپيدار 13 سالن جو ئي ڇو نه هجي.

انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ ضروري آهي ته انهن جو اڪائونٽ بڻايو وڃي جن جي عمر گهٽ ۾ گھٽ 13 سالن کان وڌيڪ هجي، اهو اهڙو ڪم آهي جنهن تي ماهر ۽ عوام ساڳي تنقيد ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.