دمشق حملي ۾ ملوث ناهيون، آمريڪا جو ايران کي جواب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ )آمريڪا ايران کي دمشق حملي بابت واضح ڪندي چيو آهي ته دمشق حملي ۾ ملوث ناهيون.
وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪرائن جين پيئر جو چوڻ آهي ته اسان نٿا چاهيون ته اهو معاملو اڳتي وڌي ۽ ايران دمشق معاملي کي جواز بڻائي آمريڪا مٿان حملي جو بهانو بڻائي،
ٻئي پاسي اسرائيل جو چوڻ آهي ته هو دمشق معاملي تي ايراني ردعمل لاءِ تيار آهن.
هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر خامنه اي جو چوڻ آهي ته دمشق حملي جي اسرائيل کي سزا ضرور ملندي، اسرائيل ايراني سفارتخاني تي حملو ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن به دمشق معاملي تي بيان ڏيندي چيو آهي جيڪڏهن ايران ۽ دمشق ۾ اسرائيلي حملي جو جواب ڏنو ته هو اسرائيل سان گڏ بيهندا.
واضح رهي ته دمشق تي اسرائيلي حملي تي پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر سميت 7 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.