ڪراچي (م ڊ) ڀارت ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، خميس تي عيد ٿيندي، ڀارت ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو ۽ پهرين شوال 11 اپريل خميس تي ٿيندي، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي شهر لکنئو ۽ دهلي ۾ چنڊ نظر نه آيو جنهن سبب مقامي ڪميٽين اڄ 30هين روزي جو اعلان ڪيو، ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته ڀارت ۾ عيد 11 اپريل تي ٿيندي، ٻئي پاسي تڪراري علائقي ڪارگل جي مقامي ڪميٽي اعلان ڪيو ته چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ اڄ 10 اپريل تي عيد ملهائي ويندي، جڏهن ته بنگلاديش ۾ به عيد الفطر جو چنڊ نظر نه آيو، عيد خميس تي ملهائي ويندي، بنگلاديشي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي چيو ته اڄ 30هون روزو ٿيندو، سڀاڻي خميس ڏينهن عيد ملهائي ويندي.