پاڪ فوج پاران قوم کي عيدالفطر جون واڌايون

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪ فوج پاران قوم کي عيدالفطر جون واڌايون ڏنيو ويون آهن، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب  سپاهيءَ لاءِ عيد جو  اصل جوهر فرنٽ لائين تي خدمت ڪرڻ، پنهنجي قوم جي حفاظت ڪرڻ، پيارن کان پري رهڻ ۽ عيد جون خوشيون حاصل ڪرڻ ۾ آهي. ان موقعي تي اچو ته پنهنجي قومي هيروز جي غيرمعمولي جرئت تي غور ڪيون، جيڪي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهن. اسان هميشه انهن بهادر روحن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا شڪرگذار آهيون ، اچو ته پاڪستان جي انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون جن مادر وطن جي حفاظت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.