پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت رپورٽ تي آمريڪا جو اهم بيان

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري جمعي ڏينهن پاڪستان جَي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري مضبوط حصيداري جو عزم ورجايو، جيڪو پاڪستان ۽ آمريڪا جِي خوشحالي کي اڳتي وڌائي ٿو.
ميٿيو ملر واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته ٽيليفونڪ رابطي دوران دهشتگردي جَي خاتمي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي سهڪار جاري رکڻ جِي اهميت تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني شهرين جَي قتل ۾ ڀارت ملوث هجڻ بابت ميڊيا رپورٽن کي فالو ڪيو پيو وڃي، هُو بحث هيٺ الزامن تي تبصرو نٿو ڪري سگهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته هُو پاڪستان ۽ ڀارت جِي حوصلا افزائي ڪن ٿا ته ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، ڳالهين ذريعي حل ڳوليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.