دادو: ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ 7 پوليس اهڪارن جون نوڪريون چٽ

دادو ( ويب ڊيسڪ ) ايس ايس پي دادو ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ 7 پوليس اهڪارن جون نوڪريون ۽ ٻن اهلڪارن جي هڪ سال جي سروس ختم ڪري ڇڏي.
ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ علي لنجار طرفان غير حاضر رهندڙ اهڪارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود ڊيوٽين تي نه پچڻ تي سخت قدم کنيا ويا.
نوڪرين مان برطرف ٿيل اهلڪارن ۾ منور اعواڻ، فاروق هالو، شفقت شاهه، خالد زرداري، واحد کوسو، شير محمد جکراڻي، رب رکيو ٻٻر شامل آھن،
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڊيوٽي تي نه ويندڙ اهلڪار امجد ابڙو ۽ ڦلجي وليج ٿاڻي جي اهلڪار جي هڪ – هڪ سال جي سروس ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ علي لنجار جو چوڻ آهي ته فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڪنهن به اهلڪار توڙي آفيسر کي بخش نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته عوام جي ٽئڪس مان ئي پگهار ملي ٿي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جو اولين فرض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.