اسرائيل رفح ۾ زميني حملي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو آهي ته هنن رفح تي ڀرپور فوجي حملي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ورتي آهي ته جيئن غزا جي ڏکڻ ۾ حماس جي ان آخري ڳڙهه کي ختم ڪري سگهجي.
رفح شهر غزا جي ڏکڻ ۾ مصري سرحد سان واڳيل شهر آهي جنهن ۾ 15 لک کان وڌيڪ فلسطيني پناهه وٺي ويٺل آهن.
نيتن ياهو اسرائيل جي رفح تي حملي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو ٻڌايو اهو اعلان قاهرا ۾ جاري جنگ بندي بابت ڳالهين کانپوءِ سامهون آيو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان لاڳيتو پنهنجي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرايون ۽ حماس تي مڪمل فتح حاصل ڪريون.
ٻئي پاسي نيتن جي بيان کانپوءِ آمريڪا چيو آهي ته هو هاڻي به رفح تي ڪنهن وڏي حملي جو مخالف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.