اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي ڏينهن، نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ 70 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات سان ئي هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ ڪاروبار دوران 100انڊيڪس 70 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو جيڪا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 694 واڌ سان 70 هزار 314 پوائنٽس تي بند ٿيو.
بازار ۾ اڄ 38 ڪروڙ 93 لک شيئرز جا سودا 17 ڏهائي 27 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 77 ارب رپيا وڌي 9 هزار 760 ارب رپيا آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس جي ڪاروبار دوران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 69 هزار جي حد پار ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.