پاڪستان ريلوي جي مسافرن لاءِ خوشخبري

لاهور ( ڳيب ڊيسڪ ) پاڪستان ريلوي مسافرن لاءِ سٺي خبر ٻڌائي آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ ٽرين جي ڪراين ۾ گهٽتائي ٿيندي.
عيدالفطر جا ٽئي ڏينهن پاڪستان ريلويز طرفان ٽرين ڪراين ۾ 25 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪراين ۾ رعايت سڀني مسافر ٽرينن جي سڀني ڪلاسز لاءِ هوندي.
ٽرين ڪراين جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هي رعايت عيد اسپيشل ٽرينن تي لاڳو نه هوندي.
عيدالفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ اعلانيل هي رعايت ڪرنٽ ٽڪيٽ تي لاڳو هوندي…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.