وزيراعظم جو ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي اڳواڻي ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو، پاڪستان جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪنداسين، پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اسان شاگردن جي هٿن ۾ هٿيار نه ليپ ٽاپ ڏنا.
اسلام آباد ۾ دانش اسڪول سائيٽ جي معائني جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ته شهباز شريف ائين ڇو ڪري رهيو آهي، مان چيو ته جڏهن اميرن لاءِ ايچي سن ڪاليج ٺهي سگهي ٿو ته غريبن لاءِ درسگاهون ڇو نٿيون ٺهي سگهن؟
وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به اسڪول ٺاهينداسين، ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪنداسين، صوبن ۾ اسڪولن جو ڄار وڇائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.