آءِ ايم ايف کان پنندڙ سرڪار جون وزيراعظم آفيس جي ملازمن تي نوازشون

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ کي ڊفالٽ کان بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن نئين بيل آئوٽ پئڪيج جي درخواست کڻي  واشنگٽن ويندڙ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وزيراعظم آفيس ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن کي چار پگهارون بونس طور ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اهڙو فيصلو حڪومتي سادگي جي دعوائن جي ابتڙ ۽ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڻ برابر آهي،

جيڪي اڳ ۾ مهانگائي ۽ واڌو يوٽيلٽي بلن جو شڪار آهن. هڪ رپورٽ موجب هڪ مهينو اڳ واڳون سنڀاليندڙ سرڪار آفيسرن کي اهو بونس سرڪاري ڊيوٽي مڪمل ڪرڻ  تي ڏنو آهي.  رپورٽ موجب اهو بونس بئنڪن کان 23 سيڪڙو وياج تي قرض وٺي ادا ڪيو ويندو. واضح رهي ته گذريل هفتي ئي وزيراعظم چيو هو ته سندس آفيس ۾ چانهه جو هر ڪپ قرضي جي پئسن سان خريد ڪيو ويندو آهي، ان جي باوجود هن نه رڳو بونس ۾ چار پگهارون ڏيڻ جي تجويز منظور ڪئي پر ناڻي واري وزير کي به ان لاءِ راضي ڪيو. ياد رهي ته وزيراعظم آفيس جا آفيسر ۽ ملازم اڳ ئي عام سرڪاري ملازمن کان وڌيڪ پگهار کڻندا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.