بلوچستان ڪابينا عيدالفطر کان پوءِ حلف کڻندي: ترجمان

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي ڪابينا عيدالفطر کان فوري پوءِ حلف کڻندي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند موجب حلف برداري تقريب عيد کان پوءِ پهرين آفيس واري ڏينهن ٿيندي.  ڪابينا جي جوڙجڪ واري فارمولي تي اتحادين ۾ اتفاق ٿي ويو آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حلف برداري جي تقريب ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيڻي هئي، وڏي وزير کي پنهنجي ڀاءُ جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ فوري طور پرڏيهه وڃڻو پيو ، عيد جي موڪلن سبب بلوچستان جي صوبائي ڪابينا عيد کانپوءِ جوڙي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.