ڪراچي ( رپورٽر ) سي ٽي ڊي پاران ڪاري رڍن جي اغوا جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آهي. تفصيل موجب سي ٽي ڊي هڪ ٻئي شهري عاطف اسلم کي 30 مارچ تي گلشن اقبال ۾ چانهه جي هوٽل مان اغوا ڪري محمود آباد کڻي وئي ۽ اي ٽي ايم مان 2 لک روڪ رقم ڪڍي 3 لک ڏيڻ جو واعدو ڪري فرار ٿي ويا،
رپورٽ موجب عاطف اسلم پاران آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ کي درخواست ڏني وئي آهي ته هو شاگرد ويزا لاءِ ڪم ڪري ٿو، 30 مارچ تي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار کيس هوٽل مان سندس ڪار سميت يونيورسٽي روڊ مان پوليس موبائل ۾ گاڏي سميت انهن کي پاڻ سان وٺي ويا. عاطف جو چوڻ هو ته نامعلوم هنڌ تي 4 ڪلاڪن تائين تشدد ڪيو ويو، ڇڏڻ لاءِ 15 لک رپيا طلب ڪيا ويا ۽ ڪار ٽريڪر انڪشاف ڪيو ته مون کي سي ٽي ڊي سول لائن کڻي ويا.درخواستگذار چيو ته اهلڪارن اي ٽي ايم مان 2 لک ڪڍيا ۽ سهيل نالي شخص شهري کي فون ڪري باقي 3 لک رپيا وصول ڪرڻ لاءِ سھيل نالي شخص کي فون ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون متاثر شهري عاطف اسلم پاران پوليس جي اعليٰ عملدارن کي درخواست ۽ سموري معلومات فراهم ڪئي وئي آهي.