حيدرآباد ۾ مل جو بند ٿيل گٽر صاف ڪرڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 پورهيت فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ دال مل جو بند ٿيل گٽر صاف ڪرڻ ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري 2 پورهيت فوت ٿي ويا، سائيٽ ايريا جي مشتاق چوڪ لڳ قائم ٿيل هڪ دال مل جا گٽر صاف ڪندي ساهه ٻوساٽجڻ سبب 2 پورهيت 30 ورهين جو عامر مسيح پٽ جونسن ۽ 35 ورهين جو عزمي مسيح پٽ روبن فوت ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 ۽ سائيٽ پوليس پهچي لاش ڪڍرائي وارثن سان گڏ کڻائي اسپتال منتقل ڪرايا جتي ڊاڪٽرن سندن فوت جي تصديق ڪئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته گٽر ۾ گئس ڀرجڻ سبب سندن ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻنهي پورهيتن جو موت واقع ٿيو آهي،

سندن موت جو تفصيلي ڪارڻ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ معلوم ٿي سگهندو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس موجب فوتين جو پوسٽ مارٽم ۽ ٻيون سموريون قانوني ڪارروايون مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا وارث اڃا وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ناهن پهتا، اسان قانوني ڪارروائي لاءِ تيار آهيون، پوليس موجب ٻئي فوتي پاڪستاني چوڪ ٻڪرا پڙي واري علائقي جا رھواسي هئا، ٻنهي پورهيتن جا لاش سندن گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي جوبماحول سوڳوار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.