لاهور (م ڊ) پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ذڪا اشرف چيو آهي ته گذريل سال جي 7 لک ٽن کنڊ اسٽاڪ ۾ آهي. اضافي کنڊ پرڏيهه موڪلڻ سان حڪومت 2 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته کنڊ جي ايڪسپورٽ سبب اگهه نه وڌندا. گورنر بڻجڻ بابت ذڪا اشرف چيو ته گورنر شپ جون ڳالهيون ميڊيا ۾ ٻڌڻ ۾ آيون آهن، هن وقت تائين باضابطا آگاهه ناهي ڪيو ويو. پارٽي جيڪو فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو.