ججن کي مليل خطن ۾ سنکيو مليو، هڪ وڊيو به ملي وئي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي ججن کي موڪليل خطري واري خط جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن  موجب سي ٽي ڊي خط ۾ مليل پائوڊر جي فرانزڪ رپورٽ حاصل ڪري ورتي آهي، خط ۾ مليل پاؤڊر ۾ سنکيو (آرسينڪ)جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ خطن ۾ موجود پائوڊر ۾ 10 سيڪڙو آرسينڪ جو مواد مليو آهي.  ان کان علاوه ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون جي ليٽر باڪس ڀرسان لڳل سي سي ٽي وي وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ موجود جوابدارن جي سڃاڻپ نادرا ڪري رهي آهي.ذريعن موجب سي ٽي ڊي وڊيو ۾ ڪجهه شڪي ماڻهن کان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.