حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير بڻجي ويو

لاهور(م ڊ) حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي پاڪستان جو امير چونڊجي ويو.  حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو ڇهون امير چونڊجي ويو آهي، هو 2029 تائين جماعت اسلامي جو امير رهندو.  جماعت اسلامي جي 45 هزار کان وڌيڪ ميمبرن نئين امير جي چونڊ لاءِ ووٽ ڏنو، حافظ نعيم الرحمان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي امير چونڊيو ويو. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي صدر اليڪشن ڪميشن ۽ نائب امير راشد نسيم پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو ته حافظ نعيم الرحمان جماعت اسلامي جو نئون امير هوندو. جماعت اسلامي امير جي اوڻويهين چونڊ ٿي، حافظ ڇهون امير ٿيو. واضح رهي ته امير جي چونڊ لاءِ صدر اليڪشن ڪميشن 3 نالن جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ سراج الحق، لياقت بلوچ، حافظ نعيم الرحمان شامل هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.