پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻن کي عدالتن مان رليف ڏيارڻ لاءِ ملڪ رياض سرگرم

لاهور(عوامي آواز نيوز) گذريل هفتي ۾ اسلام آباد جي پوش هائوسنگ سوسائٽي ۾ دبئي ۾ ترسيل پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي گهر ۾ هڪ صوبائي شخصيت جي آمد ٿي،ان ملاقات ۾ دبئي ۾ موجود ملڪ رياض وڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيو، پي ٽي آءِ جو روپوش اڳواڻ حماد اظهر به ان ملاقات ۾ موجود هو، ٽنهي شخصيتن ۾ ان ڳالهه تي بحث ڪيو ويو ته هڪ سياسي پارٽي سان تعلق رکندڙ روپوش سياسي اڳواڻ ڏيتي ليتي جي بنياد تي واپس پنهنجي علائقن ڏانهن موٽن ٿا ته ان صورتحال کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو،اهي روپوش اڳواڻ راهداري ضمانت وٺڻ باوجود پنجاب ۾ داخل ناهن ٿيا، اٽڪ واري پل تي بيٺل جيپون انهن اڳواڻن تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن،پنجاب ۾ سهولتڪاري نه ملڻ تي انهن اڳواڻن جي صوبي ۾ سياست ڪرڻ  مشڪل آهي،پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻن کي راهداري ضمانتون ملڻ جو سلسلو جاري آهي، پي ٽي آءِ کي عدالتي سهولتڪاري جو سلسلو جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ملڪ رياض جو پئسو ڪم اچي رهيو آهي، ڇو ته انهن قدمن سان ملڪ رياض جي واپسي به ممڪن ٿي سگهندي،ذريعن انڪشاف ڪيو ته ان ملاقات کان پوءِ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عدالتن مان رليف ملڻ شروع ٿيندو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 03 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.