لارجر بئنچ به ججن جي الزامن وارو معاملو حل نه ڪري سگهندي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ڪنھن مڪينزم نھ ھئڻ ڪري سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پڻ ججن جي الزام وارو معاملو حل ڪري نھ سگھندي.وڌ ۾ وڌ اھو ٿي سگھي ٿو تھ الزام لڳائيندڙ ججن کي ٻڌو وڃي، ان بعد تاريخن مٿان تاريخ ڏئي ڪري معاملي کي ٿڌو ڪبو ۽ وقت گذرڻ بعد ماڻھون ان کي وساري ڇڏيندا.تصديق حسين جيلاني جي ڪميشن جي سربراھي نھ سنڀالڻ بعد سپريم ڪورٽ ان جو سوموٽو نوٽيس ورتو.ھاڻي ست رڪني لارجر بينچ ان معاملي جي سماعت ڪندي.تصدق جيلاني پاران فل ڪورٽ جي منٽس طلب ڪرڻ تي اھي کيس نھ مليا ھئا.جنھن ڪري ھن کي اھو احساس ٿيو تھ سمورا جج سندس ڪميشن جي اڳواڻي ڪرڻ تي متفق نھ آھن.جنھن سان کيس خيال آيو تھ ممڪن آھي سندس فيصلي کي نھ قبوليو وڃي انڪري ھو ڪميشن کان جدا ٿي ويو. ان وچ ۾ يا ان کان ٿورو اڳ سپريم ڪورٽ سوموٽو نوٽيس ورتو ۽ لارجر بينچ اھو ڪيس ٻڌڻ جو فيصلو ٿيو.فل ڪورٽ اجلاس ۾ ٽن ججن اھڙي ڪمشن تي اتفاق نھ ڪيو ھو.تجزئي نگارن جو چوڻ آھي تھ فل ڪورٽ بينچ کي پڻ ان معاملي جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت پيش ايندي، ڇاڪاڻ جو ان جي ڇنڊڇاڻ بھ گھربل ھوندي. پوليس يا ايف آءِ اي ۾ اھڙي صلاحيت نھ آھي.جي ٽي آءِ، جوڙڻ سان ان ۾ ڳجھن ادارن جا عملدار بھ شامل ٿيندا،جن تي الزام آھي ان ڪري اھو معاملو وري منجھي پيو آھي.وڌ ۾ وڌ لارجر بينچ ججن کي طلب ڪري انھن کان عوام اڳيان ھنن جو معاملو معلوم ڪري سگھجي ٿو ان صورت ۾ جن تي الزام لڳايو ويندوانھن کي عدالت طلب ڪندي، جيڪڏھن اھي نھ آيا تھ لکت ۾ جواب داخل ڪندا.پوءِ وري ان بعد تاريخ مٿان تاريخ ڏني ويندي، تان جو معاملو ٿڌو ٿي ويندو ۽ آخر ۾ ماڻھون ھو وسري ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 03 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.