”ججن واري ڪيس ۾ ڪجهه نه ٿيندو، رڳو وڏا رمارڪس ايندا“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگارعمر چيما چيو آهي ته  پي ٽي آءِ 6 ججن جي خط جي معاملي تي ريٽائرڊ جج بدران حاضر سروس ججن  کان جاچ جو مطالبو ته ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته حاضر سروس جج به ڇا ڪري سگهندا؟ جن 6 ججن تي ايجنسين جو مبينه دٻاءُ هو اهي به ته حاضر سروس هئا،انهن ڪهڙا ڦاڙها ماريا؟ ماضي ۾ صحافي سليم شهزاد جي قتل جو الزام ايجنسين تي لڳو هو ان جي جاچ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪئي، صحافين سان ان ڪيس جي سلسلي ۾ پهرين ملاقات ۾ ثاقب نثار ٻڌايو ته مان جڏهن گهران نڪري رهيو هئس ته منهنجي گهرواري منهنجي کيسي ۾ سوره ياسين رکي چيو ته تون هڪ وڏي خطرناڪ ڪم لاءِ وڃي رهيو آهين، موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ماڻهن جي زور ڀرڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ته وٺي ڇڏيو آهي پر هاڻي ڇا ٿيندو؟ ان تي وڌ ۾ وڌ وڏا وڏا ريمارڪس ايندا ۽ اسان ماڻهو خوش ٿي وينداسين،ماڻهن جي ڪاوڙ ٿڌي ويندي، ان کان وڌيڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪا جي آءِ ٽي بڻجي وڃي،هن چيو ته جي آءِ ٽي ۾ وري به حڪومت جا ماڻهو شامل هوندا،ايجنسين جا ماڻهو شامل هوندا يا نه اهو به طئي ٿيڻو آهي،چيف جسٽس جي ٻڌڻي سان ٿي سگهي ٿو ته ڪو مٿي پيغام وڃي ۽ جونيئر ججن جو حوصلو بلند ٿي وڃي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 03 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.