سنڌوءَ ۾ ڪوٽڙي تائين پاڻي به نه پهتو، شهرين کي دٻن جو زهريلو پاڻي فراهم

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين پيئڻ جي لاءِ به پاڻي نه پهچي سگهيو، دٻن جي صورت ۾ بيٺل پاڻي زهريلو هجڻ ڪري شهري صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، ڪمشنر حيدرآباد، آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته امڪاني طور تي ڇوڙ ٿيندڙ وڌيڪ پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين ستن ڏينهن ۾ پهچندو ۽ شهرين کي پيئڻ لائق صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن لڳي ويندا. ان سلسلي ۾ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن احسن علي قريشي چيو آھي ته حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو آهي ته سکر بئراج کان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو وڃي، جيڪو ستن ڏينھن ۾ ڪوٽڙي تي بئراج پھچندو، جنھن سان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو معيار به صحت بخش ٿيندو. ڪالهه پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي معيار کي صحت بخش بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان پنهنجي آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار بيٺل پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ کي فورن بند ڪرايو وڃي، جڏهن ته آبپاشي کاتو ۽ واسا ان جي سار سنڀال لهن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي معيار کي بھتر بنائڻ لاءِ ترت اثرائتي حڪمت عملي جوڙين. گڏجاڻي ۾ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي، اي ڊي سي ڄامشورو، ايم ڊي واسا، ڊائريڪٽر سيڊا ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا. ياد رهي ته اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ويئر سب ڊويزن ڄامشورو ڪجهه ڏينهن اڳ معمول موجب سنڌو درياهه جي اپ اسٽريم ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جو نمونو کڻي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي کان ٽيسٽ ڪرايو هو ۽ ان جي رپورٽ موجب پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس جي ويليو 610 ايم جي / ايل ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته 500 ٽي ڊي ايس ايم جي/ايل کان گهٽ پيئڻ جي قابل هوندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.