فيض آباد ڌرڻي ۾ ميجر جنرل پنهنجي کيسي مان پئسا ورهايا؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) فيض آباد ڌرڻوڪميشن جي رپورٽ تيار آهي پر اها 6 اپريل تي جمع ٿيندي، فيض آباد ڌرڻي ۾ هڪ وڊيو وڏي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ان وقت پنجاب جو ڊي جي رينجرز ميجر جنرل نديم اظهر حيات تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ماڻهن ۾ پئسا ورهائي رهيو هو، بعد ۾ هن جي ترقي ٿي ۽ اڄڪلهه رٽائرڊ آهي، ڪميشن هن کي گهرايو ،هن جو چوڻ هو ته ڌرڻي ۾ منهنجي ڊيوٽي لڳل هئي، تقريبن 12 هزار مان مان پنهنجي کيسي مان ماڻهن ۾  ورهايا هئا، پئسا ڇو ورهائڻ واري ڪميشن جي سوال تي هن چيو ته ٽي ايل پي وارا غريب ماڻهو هئا، انهن مان ڪجهه ماڻهن جو سامان پوليس کڻي وئي هئي، انهن وٽ واپسي لاءِ پئسا نه هئا، ڪميشن سوال ڪيو ته پئسا اداري جا ته نه هئا جي جواب ۾ جنرل جواب ڏنو ته جي نه،اهي پئسا منهنجا ئي هئا،صحافي آصف بشير چوڌري چيو ته جنرل جو جواب کل جوڳو آهي ڇو ته ڌرڻي ۾ ماڻهن جو انگ وڌيڪ هو ۽ پئسا وڌيڪ ڏنا ويا هوندا،ان جنرل جا مالي اثاثا ڪيترا آهن؟ يونيفارم ۾ آفيسر پاران پئسا ورهائڻ سان اداري جي ساک خراب ٿي وئي، يونيفارم ۾ ويٺل هڪ ميجر جنرل حڪومت مخالف ماڻهن ۾پئسا ورهائي ٿو ته ڇا اهو مس ڪنڊڪٽ ناهي،صحافي اعزاز سيد چيو ته ان وقت جي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ڪميشن ۾ پيش ٿي آءِ ايس آءِ ۽ ان وقت جي سربراهه جنرل فيض حميد جو نالو نه کنيو،نوازشريف جي ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي به احسن اقبال کي گهرو وزير هئڻ باوجود رينجرز جيڪا هن جي ماتحت اچي ٿي ان جڊيشل ڪمپليڪس ۾ کيس اندر وڃڻ نه ڏنو هو، فيض آباد ڌرڻي وقت گهرو وزير احسن اقبال کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 03 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.