لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 جنن کي ڌمڪي وارا خط ملي ويا، نجي ڪوريئر ڪمپني جو ملازم گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي گذريل ڏينهن پائوڊر ڀريل شڪي ڌمڪي وارا خط ملڻ کانپوءِ اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 ججز کي به ڌمڪي وارا خط ملڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌمڪي وارا خط جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس شاهد بلال حسن، جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ جسٽس عاليا نيلم جي نالي موڪليا ويا.
ذريعن موجب ڌمڪي وارا خط نجي ڪوريئر ڪمپني جي ملازم پهچايا جنهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
شڪي خط ملڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي آهي، پوليس فورس عدالت جي احاطي ۾ موجود آهي، سي ٽي ڊي عملدار لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويا آهن….

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.