تائيوان ۾ 7.7 جو زلزلو، ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ، 9ڄڻا فوت، سونامي الرٽ جاري

تائيوان ۾ 7 ڏهائي 7 جو زلزلو آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 26 عمارتون ڊهي پيون، زلزلي سبب 9 ڄڻا فوت ۽ 800 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
زلزلي کانپوءِ تائيوان جي راڄڌاني تائيپي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
زلزلي کانپوءِ سونامي الرٽ جاري ڪيو ويو هو جيڪو بعد ۾ واپس ورتو ويو.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ساحلي علائقي هوالين ويجهو هو جڏهن ته اونهائي 15 ڏهائي 5 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.