سنڌ ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين ڌرين جا مظاهرا، ريليون

ڪراچي/ سکر/ حيدرآباد (نمائندن وٽان) سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين ڌرين جي طرفان سنڌ جي مختلف شهرن  ۾ مظاهرا ڪري ريليون ڪڍي ڌرڻا جاري رکيا ويا، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سکر مان اغوا ٿيل نياڻي معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ٽئين ڏينهن به ريليون ڪڍي مظاهرا ۽ ڌرڻا ھنيا ويا، ان ڏس حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، خادم سمون، جئه ڪمار، پروفيسر الله بچايو انڙ، خادم سمون، عباس پٺاڻ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، نندو ۾  محمد حسين درس، اڪبر علي ملاح، اسماعيل ملاح، منور علي ملاح، فيض محمد کوسو، شاويز علي ملاح، جمون ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ڏهرڪي ۾ محبت علي سميجو، لطف ميان شر ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ميرپور ساڪرو ۾ مرتضي لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. نئون ديرو ۾ ايس جي ايس ٽي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، نئون ڪوٽ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سرويچ زاهد گل اوٺو، غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ مصطفي اوڳاھي، احسان شيخ، علي رضا سھرياڻي، شھزاد حسين محمداڻي، آديش ڪمار، شام لعل، عنايت الله ڇڄڻ، وفا امجد ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ  الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رھيا آھن پر سنڌ حڪومت ننڊ ۾ ستي پئي آھي. معصوم پريا ڪماري سميت اغوا ڪيل سڀني مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي،  سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته اتر سنڌ جا سمورا ضلعا ڌاڙيلن حوالي ڪيا ويا آھن. حڪومت ۽ پوليس ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪيو آھي، ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ بي محفوظ ناھن، اغوا، قتل، ڦرون ۽ ڌاڙا  معمول بڻجي ويا آهن. سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيل بڪتر بند گاڏين ۽ موبائلن تي وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪن ٿا. ڌاڙيل مغوين تي بي رحم تشدد ڪري وارثن تي ذھني ٽارچر ڪن ٿا ۽ لکين روپيا ڀنگ جو مطالبو ڪن ٿا، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين درس خطاب ڪندي چيو ته معصوم پريا ڪماري جو اغوا بي رحمي ۽ بي حسي جي انتھا آھي. معصوم نياڻي جي ماءُ ۽ ٻيا وارث مسلسل دانھون ۽ ڪوڪون ڪري رھيا آھن. اھڙو واقعو جيڪڏھن دنيا جي ڪنھن سڌريل ملڪ ۾ پيش اچي ھا ته وزير استعفي ڏئي ڇڏين ھا ۽ مغوي نياڻي جي گھر پھچي وڃن ھا پر ھتي وزيراعظم کان وٺي وزير اعلي ۽ گھرو وزير خاموش تماشائي ۽ لاتعلق لڳا پيا آھن، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي پر سنڌ حڪومت بي خبر لڳي پئي آھي. ھنن قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته پريا ڪماري سميت سمورا مغوي فوري آزاد ڪرايا وڃن،  جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سکر ۽ سنڌ هاري ڪميٽي ضلعي سکر، لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سکر پاران اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ ٻين اغوا ٿيل نينگري جي آزادي نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي علي مردان شيخ، شاهد جتوئي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ڇاڇري ۾ به معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان اغوا ڪيل مغوين جي آزادي لاءِ شهري روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، شهرين، واپارين ۽ سماجي اڳواڻن سميت ٻين پاران ريلي ڪڍي وئي، مظاهرو جي اڳواڻي ڪندرن ۾ نيڻو مل ڀيل، ٻڍو ڀيل، ڪپل ميشهوري، چندر مهراج، هريش تاراچند، ڊاڪٽر هٺومل، ڪامريڊ سرطو ڀيل سميت ٻين پاران نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن پريا ڪماري سوڌو ٻين مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.