اتر وزيرستان ( م ڊ ) اتر وزيرستان جي ميران شاهه بازار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو اڳواڻ، عالم دين ۽ ڳوٺ ڪائونسل چيئرمين مولانا نور اسلام مارجي ويو. اطلاع تي مقامي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو. پوليس ابتدائي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.