سوڀوديرو/ راڻيپور (رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو/ فياض حسين راڄپر) سوڀوديرو جي ڪچي جي علائقي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ گولو مڱڻيجو ۾ سھتا مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان قتل، ٻه زخمي، هڪ عورت جي اغوا جو الزام، ڌرين پاران ھڪٻئي تي حملي ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻي نثار علي ۽ يونس علي، خدا بخش مڱڻيجو ٻڌايو ته ٻه ٽي مھينا اڳ اسان جي نوجوان سائٿ علي مڱڻيجو ڀر جي ڳوٺ مٺل مڱڻيجو جي رھواسڻ بختاور ڌيءَ ولي محمد مڱڻيجو سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، ناري جي پيءُ اسان کان ساڍا ٽي لک ورتا ۽ چيو ته شادي عدالت ۾ ڪيو ، ان ڳالهه تان ناري بختاور جي مائٽن وڏيرو امداد حسين سھتو، ڊاڪٽر غلام نبي سھتو، رجب، شاھنواز سميت اٽڪل پندرنهن کان مٿي ھٿياربندن اسان ڪڻڪ جو لابارو ڪري رهيا هئاسين ته هنن فائرنگ ڪري ڏني، حملي ۾ اسان جو لابارو ڪندڙ 18 سالن جو نوجوان آصف ڀيلار ويٺل ڳوٺ وڏا ڀيلار گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو ۽ صحبت علي ولد علي گل مڱڻيجو ٻانھن ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ اسان جي عورت زرينا ڌيءَ ڪنڊو فقير عرف گھنور فقير مڱڻيجو کي مخالف ھٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي پوليس ڪابه مدد نه ٿي ڪري، الزام ھيٺ آيل يوسي ڀونڀٽپور جي اڳوڻي چيئرمين فنڪشنل ليگ اڳواڻ وڏيرو امداد حسين سھتو، ڊاڪٽر غلام نبي، شاھنواز سھتو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي ناري بختاور ڌيءَ ولي محمد وارن سان ڪنھن به قسم جو تعلق نه آھي منھنجا ھاري منھنجي زمين تي ڪڻڪ جي ول تي ٿريشر ھڻائي رھيا ته منھنجي سياسي مخالف رمضان سھتو جي چرچ تي ان جي ماڻھن منھنجن ھارين مٿان فائرنگ ڪئي، ھاري زبير ولد نظير حسين سھتو ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو، اسان کي ڦاسايو پيو وڃي، مقتول آصف ڀيلار جي والد رٽائرڊ فوجي مٺل ڀيلار ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي پٽ آصف ڀيلار کي پري پلاننگ تحت مارايو ويو آھي منھنجي پٽ چيو ته مان ڪراچي وڃان ٿو وري فون ڪيائين ھن ھمراھ کي منھنجا ٻه وڳا ڪپڙا ڏيو منھنجو اصل ڏوھاري نديم سھتو آھي جيڪو ڏوھاري آھي جنھن منھنجي پٽ کي مارايو آھي، جڏهن ته علائقي ۾ پوليس کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڪچي علائقي ڪيٽو ڪنوري ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل نوجوان آصف ڀيلار جي قتل خلاف ڀيلار برادري جي عورتن مردن راڻيپور ڀرسان شاھ جي مشين قومي شاھراھ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون، اڳواڻن چيو ته مڱڻيجا برادري جي ماڻھن اسان جي معصوم ٻچڙي کي بي گناھ گوليون هڻي ماريو ويو آھي اسان مزدوري ڪرڻ وارا آھيون ڪڻڪ جو لابارو ڪري رهيو هيو ته سٺ ستر ماڻھن حملو ڪيو جنهن ۾ صرف اسان جي ماڻھو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي.