هڪ سنڌيءَ جي قيادت ۾ جڏهن ڀارت پهريون ڀيرو آسٽريليا کي شڪست ڏني

سرمد سولنگي

گڏيل ڀارت ۾ ڪرڪيٽ جا شروعاتي حوالا ارڙهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي شروع کان ملن ٿا، بي سي سي آءِ جي آفيشل ويب سائيٽ موجب، هڪ برطانوي جهاز موجودا ڀارتي رياست گجرات جي ڪچي ۾ لنگرانداز ٿيو، ان دور جي مُهاڻن جي تحريري حوالن مان پتو پوي ٿو ته هو ( انگريز فوجي) ٻين مشقن سان گڏوگڏ وقت گذارڻ لاءِ ڪرڪيٽ به کيڏندا هئا.
ان کانپوءِ ڪرڪيٽ ڀارت ۾ هوريان هوريان پير کوڙڻ لڳي، ڪلڪتا ( هاڻ ڪولڪتا) ڪرڪيٽ ڪلب جو بنياد 1792ع ۾ پيو، هي ڪلب ايم سي سي ڪلب کانپوءِ دنيا جي قدم ترين ڪرڪيٽ ڪلب آهي.
ان وقت، ڀارت ۾ پارسين سڀ کان پهرين ڪرڪيٽ کي پنهنجو ڪيو، سنڌ جي مشهور محقق ۽ ” ڪراچي سنڌ جي مارئي “ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکندڙ سائين گُل حسن ڪلمتيءَ لکي ٿو ته ”1904ع ۾ ڪراچي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن قائم ڪئي وئي، ڪراچي ۽ ڪرڪيٽ سدائين گڏگڏ رهيا آهن، هي راند انگريزن جي ڪري پوري ننڍي کنڊ ۾ آئي ۽ مقبول ٿي، ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن ۾ پهرئين پارسين کيڏڻ شروع ڪيو، ڪراچيءَ جو پهريون ڪرڪيٽ ڪلب 1847ع ۾ قائم ٿي چڪو جنهن جو نالو اورينٽل ڪرڪيٽ ڪلب هو، هي پوري ننڍي کنڊ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون ڪلب هو“.
جئين ته 1848ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پارسي برادري اورينٽل ڪرڪيٽ ڪلب جو بنياد وڌو، ان کانپوءِ پارسين ڪيئي ٻيا ڪرڪيٽ ڪلب به کوليا، جنهن جو باني هڪ پارسي هو، پارسي ڪميونٽي جي مالي سگهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته کين پنهنجي ٽيم برطانيا موڪلڻ جي اجازت به ملي هئي ۽ پارسين جي انهي ٽيم انگلينڊ جو دورو پڻ ڪيو هو.
بعد ۾ سيٺ آدم علي يوسف، علي علوي ۽ عبدالرحيم صالح جي ڪوششن سان مسلمانن پاران به ڪلب، فدو فرينڊلي سوسائيٽي ۽ محمدن اسپورٽس ڪلب قائم ٿيا.
1929ع ۾ مسلمانن ۽ هندن رانديگرن تي ٻڌل ٽيم آل انڊيا روشن آرا ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ دهلي وئي هئي، ڪراچي کي اِهو به اعزاز حاصل آهي ته 1932ع ۾ انگلينڊ جو دورو ڪرڻ واري ڀارتي ٽيم ۾ ٻه رانديگر غلام محمد لاسي ۽ جي. نائون مل ٻئي سنڌي هئا.
گل حسن ڪلمتي موجب ”ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ڪرڪيٽر موجود هئا، عباس خان لوڌي، جي. هيرس، ايم جي موبڊ، آدم علي، يوسف علي علويءَ کانسواءِ غلام محمد لاسي بهترين آل رائوند هئا ۽ نائون مل بهترين بيٽر هو، اِهي ٻئي آل انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽر هئا، ورهاڱي کان اڳ مسٽر عبدالعزيز، جيڪ هيرس ۽ گوپال داس نالي واري ڪرڪيٽ ڪوچ ٿي گذريا آهن“.
ڪراچيءَ ۾ رام چندر عرف جِي ايس رامچند ۽ پَمن مِل ورهاڱي کان پوءِ ڀارتي ٽيسٽ ٽيم ۾ جاءِ ٺهي جڏهن ته رامچند ڪپتان به بڻيو ۽ سندس قيادت ۾ ڀارتي ٽيم پهريون ڀيرو آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي.
گلاب راءِ رامچنداڻي عرف جِي ايس رامچند!
27 جولاءِ 1927 ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم وٺندڙ گلاب راءِ رامچنداڻيءَ جو ڳاڻيٽو ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اھم رانديگرن ۾ ٿيندو ھو ۽ سندس ساٿي ڪرڪيٽر کيس مڪمل پئڪيج قرار ڏيندا ھئا.
رامچنداڻيءَ ورهاڱي کان اڳ 1945-46 جي رنجي ٽرافيءَ ۾مهاراشٽرا خلاف ڊيبيو ڪيو ۽ ٻن فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي.
ورھاڱي کانپوءِ ھن ڀارت جي قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاھي ۽ 1952ع کان 1960ع تائين 33 ٽيسٽ مئچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي ٻن سينچرين ۽ پنج اڌ سينچرين جي مدد سان 11 سئو اسي رنسون ٺاهڻ سان گڏوگڏ 41 وڪيٽون پڻ ورتائين.
رامچنداڻيءَ جي فرسٽ ڪلاس ميچن جو انگ 145 آھي، جنهن ھن 16 سينچرين ۽ 28 اڌ سينچرين جي مدد سان 6 ھزار 26 رنسون ٺاهيون، جڏھن ته 255 شڪار پڻ ڪيا.
رامچنداڻيءَ ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني پڻ ڪئي ۽ سندس قيادت ۾ ڀارت پهريون ڀيرو ان زماني ۾ آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم کي ھارايو .
رامچنداڻيءَ 8 سيپٽيمبر 2003ع ۾ ممبئيءَ جي ھندوجا اسپتال ۾ 76 ورھين جي ڄمار ۾ پر لوڪ پڌاري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.