والدين نوڪريءَ خاطر پنهنجي ٽن مهينن جي ڌيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار

مشهور آمريڪي ويب سائيٽ ريڊ اِٽ تي تازو ڇپيل هڪ لکت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نوڪري جا شوقين والدين پنهنجي ٽن مهينن جي ڌيءَ ڪنهن ٻئي کي پالڻ خاطر ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ انهن پاڻ ان جو اعتراف ريڊ اِٽ جي هڪ پوسٽ ۾ ڪيو، جنهن تي واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ٻارڙي جي پيءَ چيو ته 3 مهينن جي الزبيٿ انهن جي طرز زندگي ۾ جاءِ نٿي ٺاهي سگهي ۽ اسان ٻئي زال مڙس ان سبب گهڻا پريشان آهيون ۽ چاهيون ٿا ٻيو ڪو ان کي پالي.
هن چيو ته سندس گهرواري انهن ٽن مهينن ۾ ٻارڙي کي کير پيئارڻ، ڪپڙا مٽائڻ ۽ غسل ڪرائڻ کانسواءِ ڪو ڌيان نه ڏنو، مان ۽ گهرواري پنهنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ جا عادي آهيون ۽ نوڪري نٿا ڇڏي سگهون، ڇو ته اهو ڪم اسان کي پسند آهي، تنهن ڪري چاهيون ٿا ته ڌيءَ کي ٻيو ڪو پالي.
پوسٽ موجب مڙس کي لڳو ته زال ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ موڪل ڪندي پر هن هن ٻن هفتن کانپوءِ ئي آفيس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن ريڊ اِٽ تي ڪيل ڪمينٽن موجب جوڙي سان ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ چائلنڊ سروسز رابطو ڪيو آهي ۽ هاڻ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.