عمران خان جو ججن جي خط تي فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ججن جي خط جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
هوڏانهن اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ججن جي خط بابت سپريم ڪورٽ جي سوموٽو ايڪشن تي پي ٽي آءِ باني خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.