پوليس وارا ۽ ڏوهاري عيد ملهائڻ ڪراچي آيا آهن: فيصل سبزواري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم سينيٽر فيصل سبزواري چيو آهي ته پوليس وارا ۽ ڏوهاري ڪراچي ۾ عيد ملهائڻ آيا آهن.
سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته ڪجهه هزار رپيا وٺي شهرين کي ماريو پيو وڃي، پوليس ڏوهه روڪڻ ۾ ناڪام آهي.
هن چيو ته اڳ ۾ ڪراچي واسين کي ڦريو ويندو هو، هاڻ يقيني بڻايو پيو وڃي ته انهن کي ماريو به وڃي، حقيقت ۾ پوليس ۽ ڏوهاري عيد ملهائڻ ڪراچي آيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت کي 15 سال ٿي ويا آهن، ايتري ڪلنگ ٻئي هنڌ ٿئي ها ته آپريشن جو مطالبو سامهون اچي وڃي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.