هيڪرن جو ڄاڻ چورائڻ لاءِ 12 نين چيٽ ايپليڪيشنز جو استعمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هيڪر ڄاڻ چورائڻ لاءِ 12 نين چيٽ ايپليڪيشنز جو استعمال ڪرڻ لڳا.
ذريعن موجب ڪابينا ڊويزن سڀني وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيڪر مجموعي طور تي 132 ايپليڪيشنز ذريعي اهم ڄاڻ تائين پهچ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڪرن ڄاڻ چورائڻ لاءِ 12 نين چيٽ ايپليڪيشنز جو استعمال به شروع ڪيو آهي، جن ذريعي اهي اهم ڄاڻ تائين پهچ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، چيٽ ايپليڪيشنز ذريعي ٽريپ ڪري اهم ڄاڻ تائين پهچ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب خط ۾ ايپليڪيشنز انسٽال ڪندڙ آفيسرن کي انٽرنيٽ بند ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، خط ۾ مقبول اينٽي وائرس انسٽال ڪري پنهنجي موبائل اسڪين ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
خط ۾ اهڙيون ايپليڪيشنز انسٽال نه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جن تي اعتبار نه هجي ۽ اڻڄاڻ واءِ فاءِ نيٽ ورڪ استعمال نه ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.