هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي پائوڊر ڀريل شڪي خط وصول ٿيڻ جو ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي پائوڊر ڀريل شڪي خط وصول ٿيڻ جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪلارڪ قدر احمد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي پائوڊر ڀريل شڪي خط وصول ٿيا هئا، جنهن ۾ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ وارا نشان موجود هئا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جيف جسٽس عامر فاروق سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران تصديق ڪندي چيو هو ته اسان کي خط وصول ٿيا آهن، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دير جو هڪ سبب اهو هو، بنيادي طور تي هاءِ ڪورٽ کي ٿريٽ ڪيو ويو.
عدالتي ذريعن موجب ججن کي شڪي خط وصول ٿيا، جنهن تي هاءِ ڪورٽ انتظاميا دهشتگردي جي قلمن تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالتي ذريعن وڌيڪ چيو ته هڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ته ان جي اندر پائونڊر موجود هو، اسلام آباد پوليس جي ايڪسپرٽس جي ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتي ۽ جاچ شروع ڪئي.
ذريعن موجب خط اندر ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ وارو نشان به موجود هو، ڪنهن عورت پنهنجو پتو لکڻ بنا خط هاءِ ڪورٽ جي ججن کي موڪليا.
عدالتي ذريعن چيو ته چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي شڪي خط وصول ٿيا، خط ريشم زال وقار حسين نالي عورت لکيا آهن.
ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي کي فوري طور طلب ڪيو ۽ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو.
ذريعن موجب خط جاچ پڙتال لاءِ ورتا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.