ايران سان تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني سفير رضا اميري ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ٻيهر چونڊ تي ايراني صدر جي مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيلي فون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران سان تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو.
هن ٻه طرفا لاڳاپا ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
شهباز شريف والاريل ڪشمير جي معاملي تي ايران جي حمايت کي ساراهيو، ملاقات ۾ فلسطين صورتحال تي به ڳالهايو ويو، ايراني سفير پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.