هاڻي چيٽ جي پي ٽي لاءِ اڪائونٽ ٺاهڻ ضروري ناهي

اوپن اي آءِ پاران چيٽ جي پي ٽي جي استعمال لاءِ اڪائونٽ جي ضرورت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪمپني موجب هاڻي هر هفتي 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪندا آهن. پر اڪائونٽ جو شرط ختم ڪرڻ کانپوءِ استعمال ڪندڙن جو انگ وڌڻ جا امڪان آهن ڇاڪاڻ ته ڪروڙين ماڻهو اي آءِ چيٽ بوٽ تي تجربا ڪرڻ پسند ڪندا آهن.

جڏهن ته اوپن اي آءِ موجب اڪائونٽ کانسواءِ چيٽ جي پي ٽي تي واهپيدارن کي محدود فيچرز تائين پهچ ڏني ويندي. اهڙا واهيپدار چيٽ هسٽري محفوظ نه ڪري سگهندا ۽ ريويو پڻ نه ڏئي سگهندا. اهڙي ريت چيٽس جي ونڊ به ممڪن نه هوندي جڏهن ته واڌو فيچر جهڙوڪ وائس چيٽ ۽ ٻين کي استعمال ڪرڻ جي سهولت به نه هوندي. انهن سمورين سهولتن لاءِ واهپيدارن کي اڪائونٽ ٺاهڻو پوندو.

ڪمپني موجب چيٽ جي پي ٽي تائين اڪائونٽ کانسواءِ پهچ فراهم ڪرڻ جو مقصد اي آءِ ٽيڪنالوجي تائين هر فرف لاءِ پهچ کي سولو ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.