بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي مون سان گڏ ويهي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ لاءِ بلاول ڀٽو مون سان گڏ ويهي، مان هن  سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن ڪنهن کي مون مان تڪليف آهي ته مون کي هٽايو وڃي،ڪامران ٽيسوري ڦر جي مزاحمت تي قتل ٿيل رائيڊر علي رهبر جي گهر پهتو ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي، ڪامران ٽيسوري چيو ته احتجاج طور گورنر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، آءِ جي سنڌ کي چوندس ته سمورا ڪم ڇڏي معاملي جي جاچ ڪري.هن چيو ته مان گهرو وزير کان مطالبو ڪندس ته ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي،الله جو واسطو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم جو شڪار ٿيندڙ سمورن ماڻهن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڪامران ٽيسوري مقتول رهبر جي اولاد علي جي تعليم جي سموري ذميواري قبولي ورتي،هن چيو ته هي نوجوان غربت جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيو هو، ڪڏهن نوڪري نه هجڻ سبب فروٽ وڪڻي رهيو هو، ڪڏهن رائيڊر ​​بڻجي رهيو هو، هي منهنجي ۽ سمورن حڪمرانن لاءِ سوچڻ جو مقام آهي، هن جي  پيءُ جون اکيون ڏسو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندن ڀائرن ۽ پيءُ جو ڇا ٿيندو؟ڪامران ٽيسوري چيو ته هي اسان لاءِ هڪ واقعو آهي، اهي روزانو ٿي رهيا آهن، اسان ان کي ڇو نٿا روڪي سگهون، اسان کي انهن تي افسوس ناهي، ڪنهن جو نوجوان پٽ کسي ورتو وڃي ۽ اسان ان کي نه پياروڪيوم.اسان سينيٽ  چيئرمين ۽ اسان سينيٽر ٺاهڻ ۾ مصروف آهيون.هن چيو ته مان سڀني کي گذارش ٿو ڪريان ته هن ڪم ۾ حصو وٺن، هر ڪنهن کي روڊن تي نظر اچڻ گهرجي، ڏوهارين کي اهڙي سخت سزا ڏني وڃي جو ڪو فائرنگ ڪري ۽ موبائيل فون ڦر ڪندي ڊڄي وڃي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪم ڪري ڏيکاري، کيس ڪير نٿو روڪي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.