حيدرآباد: عمرڪوٽ واسي ملازم جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 14 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر جي گهر ۾ ملازمت ڪندڙ عمر ڪوٽ واسي گهريلو ملازم نوجوان عبدالرحمان سميجو  جي لاش جي ٻيهر ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جاري ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار گهر ڌڻين ٽنهي ڊاڪٽرن جون گرفتاري کان اڳ واريون ضمانتون پڪيون ڪري ڇڏيون آهن. حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد يونٽ نمبر 5 واري علائقي جي گهر نمبر 46 (اي) مان گهريلو ملازم 20 کان 22 ورهين جي نوجوان عبدالرحمان پٽ ملوڪ سميجو جو مبينا طور تي ڦاهو کاڌل لاش مليو هو، جنهن بعد نوجوان جي وارثن واقعي کي آپگهات نه پر قتل قرار ڏيندي ان جو ذميوار ڊاڪٽر مهوش، سندس مڙس ڊاڪٽر نعيم ۽ ڊاڪٽر صدام کي قرار ڏيندي ٽنهي ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنھن بعد وارثن جي درخواست تي عدالتي حڪم تي نوجوان جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو هو، جنهن جي شروعاتي رپورٽ رپورٽ جاري ٿي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٽنهي ڊاڪٽر جوابدارن جون لاڳاپيل عدالت گرفتاري کان اڳ ٿيل ڪچي ضمانتن کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي سئوٽ ايڊووڪيٽ شير علي سميجو جو چوڻ هو ته ٻيهر پوسٽ جي شروعاتي رپورٽ جاري ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته نوجوان جي موت جو ڪارڻ ڦاھو اچڻ آهي، پر حتمي ڪارڻ جي فائنل رپورٽ ۾ خبر پوندي، اها حتمي رپورٽ 10 کان 12 ڏينهن کانپوءِ جاري ٿيندي. هن ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جون لاڳاپيل فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ضمانتون پڪيون ٿي ويون آهن، انهي ڪيس جي ٻيهر شنوائي پهرين اپريل تي رکيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.