لاهور(پ ر+م ڊ) انساني حقن واري ڪميشن(ايڇ آر سي پي) کي هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن پاران لڳايل الزامن تي سخت ڳڻتي آهي، انهن ججن انٽيليجنس ايجنسين جي مداخلت ۽ ڌمڪين کي عدليه جي آزادي کي نقصانڪار قرار ڏنو آهي، ايڇ آر سي پي چيو ته جيڪڏهن اعليٰ عدليه جي ججن کي ان طرح جي مداخلت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته پوءِ ماتحت عدالتن کي امڪاني طور اڃا به وڌيڪ خطرا هوندا، اسد اقبال بٽ چيو ته ايڇ آر سي پي هڪ ڊگهي عرصي کان ان ڳاله تي زور ڏيندي رهي آهي ته انٽيليجنس ايجنسين جن ملڪي ادارن کي گهڻو نقصان پهچايو آهي کي هڪ نئين قانوني ڍانچي ذريعي شفاف سويلين نگراني جي ماتحت آڻڻ گهرجي ٻئي پاسي ايڇ آر سي پي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ انٽرنيٽ بندش تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اغوا ٿيل 13 سالن جي نياڻي جي آزادي جي گهر ڪئي آهي، ڪو چيئرپرسن منيزي جهانگير ،اسرارالدين اسرار، سياسي ورڪر بابا جان،عورتن جي حقن جي اڳواڻ ياسمين ڪريم سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته گلگت بلتستان ۾ روزانو 22 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، انٽرنيٽ سروس به اڪثر معطل رهي ٿي،هن چيو ته 13 سالن جي نياڻي فلڪ نور جي اغوا تي سخت ڳڻتي آهي، مقامي پوليس جو ڪردار مشڪوڪ آهي، پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي جي حڪومتن کي فلڪ نور جي خاندان کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي