خيرپور(رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو)4 ڏينھن اڳ خيرپور جي ڳوٺ سمنگ وڏا ۾ 3 ٻارڙن جا لاش پيٽيءَ مان هٿ اچڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر مقتولين جي پيءُ شاهنواز شيخ جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل گناھ نمبر 126 2024, قلم نمبر 302, 34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ جميل شيخ، ديدار شيخ، الطاف شيخ ۽ مسمات منوره خاتون کي نامزد ڪيو ويو آهي جڏھن ته فريادي ايف آء آر ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن دشمني تحت معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش پيٽي ۾ بند ڪيا ۽ ٻن ڏينهن جي ڳولها بعد لاش گهر اندر پيٽي مان مليا ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٽن معصوم ٻارڙن جا لاش هٿ آيا هئا جنهن ۾ مدد علي، مهناز ۽ عارف علي شيخ جا گهر اندر پيٽي مان لاش هٿ آيا هئا.