ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي پوليس جي چيف خادم حسين رند کي بدلي سندس جاءِ تي عمران يعقوب منهاس کي ٻيو ڀيرو ڪراچي پوليس جو چيف مقرر ڪيو ويو آهي، خادم حسين رند کي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) آپريشنز سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمران يعقوب منهاس ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هوندو، عمران يعقوب منهاس ايڊيشنل آءِ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 5
جي سي ٽي ڊي جي عهدي تي هو، جتان کيس بدلي ڪري ٻيو ڀيرو ڪراچي پوليس چيف مقرر ڪيو ويو آهي،