سلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٽي آر اوز موجب ڪميشن جاچ ڪري حقيقتن جي بنياد تي ڪنهن ايجنسي، کاتي يا حڪومتي اداري جي خلاف ڪارروائي تجويز ڪندو ۽ ڪميشن کي انڪوائري دوران ڪنهن ٻئي معاملي جي به جاچ ڪرڻ جو اختيار هوندو. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن کي رد ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته حڪومت هڪ رڪني انڪوائري ڪميشن جي سربراهه جي طور تي جسٽس(ر) تصدق جيلاني جي نالي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته صلاح مشوري کان پوءِ انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ کي چيلينج ڪيو ويندو.