صدر ۽ وزيراعظم ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو نوٽيس وٺن: بابر غوري

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري چيو آهي ته پنج ڇهه سال اڳ سياست ڇڏي چڪو آهيان، منهنجو ڪنهن سياسي جماعت يا گروهه سان تعلق ناهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ،  پوليس ۽ ڊي جي رينجرز کي اپيل آهي ته فوري طور ڪرمنلز خلاف قدم کڻن، محفوظ ۽ خوشحال ڪراچي پاڪستان جي ترقي جو رستو آهي،صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم کي اپيل آهي ته ڪراچي جي معاملن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي

  • مراد سعيد جون عورتاڻي آواز ۾ ڪارڪنن کي هدايتون!

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي روپوش اڳواڻ مراد سعيد عورتاڻي آواز ۾ ڪارڪنن جي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون آھن.جنھن ۾ ھن عمران خان سميت اڳواڻن کي جيل مان آزاد ڪرائڻ ۽ مينڊيٽ واپس ڪرائڻ جي لاءِ سموري  ملڪ ۾ ريلين ۽ مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.جنھن جي تاريخ جو اعلان جلدي ڪيو ويندو. ھن جو پيغام ھڪ عورت جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائي جاري ڪيو ويو آھي.جنھن ۾ ھن ورڪرز سميت سمورن اسيمبلي ميمبرن کي پڻ اجلاس ۾ شرڪت دوران عمران جي تصوير رکڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي.ھن چيو تھ جلد ئي نوجوانن جي مدد سان عمران خان جي حمايت ۾ تحريڪ ھلائي ويندي.جيڪا مالاڪنڊ ۽ سوات کان شروع ٿيندي.جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ وڪيلن پاران عمران خان خلاف ڪيسن جي درست پيروي نھ ڪرڻ تي ويچاريو ويو ۽ سمورن وڪيلن کي پابند ڪيو  ويو تھ اھي جتي جتي بھ ڪيس ھلندڙ آھن انھن جي پيروي ڪرڻ جا پابند ھوندا.تازو سنئر وڪيل لطيف کوسي پاران اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ تاريخ تي نھ پھچڻ تي عدالت ڪاوڙ ظاھر ڪئي ھئي.عدالت ان عمل کي  غير پروفيشنل رويو بھ قرار ڏنو ھو.جنھن بابت لاڳاپيل وڪيل کان پڇاڻو بھ ڪيو ويو.ان پس منظر ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو،هوڏانهن پي ٽي آءِ پارٽي جي ترجمان روئوف حسن کي ذميواري ڏني تھ پارٽي جي پاليسي بابت صرف اھو ئي بيان جاري ڪندو.جڏھن تھ ٻئي ڪنھن کي بھ اھڙي بيان جاري ڪرڻ جي اجازت نھ ھوندي خلاف ورزي ڪندڙ خلاف پارٽي اندر ڪارروائي ڪيئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.