اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار شهزاد اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڪميشنون بڻجي چڪيون آهن،گهڻن جون ته رپورٽون ئي منظرعام تي نه اچي سگهيون ۽ جيڪي رپورٽون منظرعام تي آيون انهن جي رپورٽن تي ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، بلڪه سزا ۽ ڪارروائي ته پري جي ڳالهه انهن ڪميشنن جي رپورٽن جي بنياد تي ڪي ذڪر جوڳا سڌارا به نه اچي سگهيا آهن،هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي تي به ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن کي ان معاملي تي رهنمائي ڏئي ها ۽ ججن لاءِ نئون ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ آڻي ها بلڪه سپريم ڪورٽ حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن تي اتفاق ڪندي ججن کي ايگزيڪٽو جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي،اهائي ايگزيڪٽو جيڪا ججن جي ڪنڊڪٽ ۽ خط جي ٽائمنگ تي سوال اٿاري پنهنجو مائنڊ ظاهر ڪري چڪي آهي،جسٽس تصدق جيلاني کي ماضي ۾ پي ٽي آءِ جانبدار قرار ڏئي چڪي آهي، اڄ به هن جي پٽ جي وابستگي ۽ ڪردار تي مهم هلي رهي آهي، ن ليگ سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ججن خط سپريم ڪورٽ کي لکيو هو، فل ڪورٽ اجلاس ۾ مشاورت ٿي،اهو فيصلو سرڪار جو نه سپريم ڪورٽ جو آهي ته هڪ ڪميشن جوڙي وڃي، هن چيو ته اسان ججن جي رهنمائي تي ڪميشن جوڙي ڇڏي، توهان پي ٽي آءِ کان علاوه ڪنهن ٻئي کي جسٽس تصدق جيلاني تي اعتراض ڪندي ڏٺو، ثاقب نثار کان علاوه کين ڪو ٻيو جج نظر نٿو اچي،
-
حڪومت ججن جي الزامن کي جاچ کان اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت جاچ کان اڳ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن تي خوفناڪ حملو ڪري انهن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي،سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج خلاف حڪمران جماعت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ صحافين پاران هڪ مهم هلائي پئي وڃي،صحافي اسد علي طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته جسٽس تصدق حسين جيلاني نگران حڪومت ۾ پرڏيهي وزير رهندڙ جليل عباس جيلاني جو مائٽ آهي،ايوب خان جي دور ۾ جسٽس تصدق جيلاني پشاور ۾ ڊي سي هو هن(تصدق جيلاني) ٻڌايو هو جڏهن جنرل ايوب خان تي پشاور ۾ حملو ٿيو ته ان وقت هن جلسي ۾ فوجين کي سادن ڪپڙن ۾ ويهاري ڇڏيو هو جنهن سبب حملي آور ۽ ايوب خان وچ ۾ فاصلو وڌي ويو هو ۽ حملي آور پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا،فاطما جناح جڏهن ايوب خان خلاف صدارتي چونڊ وِڙهي رهي هئي ان وقت تصدق حسين جيلاني سيالڪوٽ ۾ ڊي سي هو، تڏهن خواجا آصف جو والد خواجا صفدر محترمه فاطمه جناح جو پولنگ ايجنٽ هو، تصدق جيلاني جڏهن هڪ پولنگ جو دورو ڪيو ته خواجا صفدر کيس روڪي چيو ته توهان ايوب خان جي چونڊ نشان وارو بيج ڪوٽ تي هڻي گهمي رهيا آهيو،توهان سرڪاري ملازم آهيو، ڪيئن هڪ صدارتي اميدوار جي حمايت ڪري سگهو ٿا،ان تي تصدق جيلاني وضاحت ڏني ته مان پنهنجي ڪوٽ تي گل جو نشان هونئن ئي هڻندو آهيان، اهو اتفاق آهي ته ايوب خان جو چونڊ نشان به گل آهي، اهي تفصيل هڪ صحافي اسرار احمد ڏنا آهن،تصدق جيلاني هڪ ايماندار ۽ شريف النفس جج رهيو آهي، پر چيف جسٽس آف پاڪستان طور هن جي رڪارڊ ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ هڪ به فيصلو شامل ناهي،تجزئي نگارن جو خيال آهي ته جسٽس تصدق جيلاني پنهنجي ملازمت دوران اسٽيبلشمينٽ بابت ڪو فيصلو نه ڏنو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن کي انتظاميا جي رحم ڪرم تي ٺاهيل ڪميشن جي اوٽ ۾ ڪو انصاف ڏياري سگهندو، جسٽس تصدق جيلاني کي ٻئي طرف (الزام هيٺ آيل ڌر)کان ڪو به سهڪار نه ملي سگهندو، هڪ رڪني ڪميشن ڪيئن جاچ ڪري سگهندي؟ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ججن جي الزام کي نامناسب قرار ڏئي رد ڪري چيف جسٽس آف پاڪستان، فل ڪورٽ ،عدليه ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن کي پيغام ڏنو ويو ته توهان هڪ ڪوڙو الزام مڙهيو آهي،فيض آباد ڪميشن اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل(ر) فيض حميد کي ڪٽهڙي ۾ نه آڻي سگهيو، اهو رٽائرڊ جنرل موجوده اسٽيبلشمينٽ جي ”گڊبڪس“ ۾ به شامل ناهي ان تي ئي ڪميشن هٿ نه وجهي سگهي ته هن ڪيس ۾ڇا ٿيندو؟