بشام واقعي جا جوابدار نه ٿا چاهين ته پاڪ، چين دوستي قائم رهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا جو ڪوبه نظام ذميواري کان سواءِ نٿو هلي سگهي، اسان کي 5 سالن ۾ پاڪستان جي معيشت کي تبديل ڪرڻو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان 2013ع کان 2018ع تائين نواز شريف جي دور ۾ دهشتگردي جو خاتمو  ڪيو، ڪينسر ٻيهر سر مٿي ڪيو آهي. هن چيو ته بشام واقعي تي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ معاملا سامهون اچي رهيا آهن، چيني انجنيئرن ۽ سندن گهرڀاتين کي هر ممڪن سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. بشام واقعي جا جوابدار نه ٿا چاهين ته پاڪ، چين دوستي قائم رهي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته موثر دفاعي صلاحيت لاءِ هٿياربند فوج جون گهرجون پوريون ڪنداسين، اسان جا شهيد ۽ غازي هن قوم جا هيرو آهن. وزيراعظم چيو ته دنيا جو ڪوبه نظام ذميواري کانسواءِ نٿو هلي سگهي، اسان کي 5 سالن ۾ پاڪستان جي معيشت کي تبديل ڪرڻو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ به معيشت جي استحڪام لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.